ريل گاڏي ٿيڻ

ريل گاڏي ٿيڻ

ريل گاڏي ٿيڻ

ريل گاڏي ٿيڻ (راند): هن راند ۾ جيترا به رانديگر ننڍا ٻار ۽ ڇوڪرا هوندا آهن. هڪٻئي کي پٺيان چولن کان جهلي، قطار ڪري بيهندا آهن، جيڪو ٻار اڳيان هوندو آهي سو ڪوُڪ ڪري انجڻ ٿي ڇُهه-ڇُهه يا ڇُڪ ڇُڪ ڪري هلندو آهي، اهڙي طرح ريل وانگر هڪ ٻئي جي پويان قطار ۾ هلندا آهن، جيڪڏهن وڏا ٻار هوندا ته چوندا آهن:
ڇهه ڇهه پئسا ٻه ٻه آنا،
ڄُل ڪلڪتي، ڄل ڪلڪتي.
ان موقعي تي ٻار ڪڏهن ڪڏهن ڪشنچند بيوس جو ٻاراڻو گيت به دهرائيندا آهن:
ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون،
اچو ته ننڍڙي ريل هلايون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو